اٽڪ ۽ هنگو ۾ گهرن جي ڇت ڪرڻ وارا واقعا: ٻن ٻارڙين سوڌو چار ڄڻا فوت

news

 اٽڪ: سومر 11 مارچ 2019ع: اٽڪ ۽ هنگو ۾ برسات سبب ڇت ڪرڻ وارا واقعا پيش آيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙين سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، گهرڀاتين پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ٻاهر ڪڍيا.

رپورٽن مطابق هنگو جي علائقي ڪربوغا شريف ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ ان جون 2 ڌيئرون فوت ٿي ويون، علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش مٽيءَ جي ڍير هيٺيان مان ڪڍيا. اٽڪ ۾ به برسات سبب هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي.