واهي پانڌي ۾ شهرين پاران بدامني جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو

news

واهي پانڌي:سومر 11 مارچ 2019ع:(رپورٽ: نظام رستماڻي) واهي پانڌي ۾ وڌندڙ چورين، ڦرن خلاف شهرين جو گورک روڊ کان احتجاجي مظاھرو ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. تفصيل موجب واهي پانڌي ۾ بدامني خلاف شهرين ديدار رستماڻي ۽ ظفر رستماڻي جي اڳواڻي ۾ شهرين جو گورک روڊ کان احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ظفر رستماڻي، ديدار رستماڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واهي پانڌي ۽ ڀرپاي جي ڳوٺن ۾ چوري ۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، ڪاڇي جا ايندڙ ويندڙ سمورا رستا ڏوهارين جي حوالي آھن.

هنن چيو ته واهي پانڌي ٿاڻو جو ايس ايڇ او ۽ وڏو منشي ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آھي، ڏوهاري سرعام ڏينهن ڏٺي جو پوليس جي سرپرستي هيٺ ڦرون چوريون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران کين ڏوهاري ماڻھن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن ڪري ڪاڇي ۾  بدامني وڌي وئي آهي، چور ڏينهن ڏٺي جو گهر اڳيان بيٺل موٽرسائيڪلون چوري رهيا آهن، ٻه ٽي ڀيرا ٿاڻي ويا آهيون پر ٿاڻي جو ايس ايڇ او سکڻا دلا ساڏئي واپس ڪري ڇڏيندو آهي. 

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڪاڇي ۾ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون چوريون واپس ڪرائي بدامني تي ضابطو آڻي واهي پانڌي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.01