نواز شريف کي علاج جون سهولتون ڏيڻ گهرجن، هو ڪابه ڊيل نه ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري

news

 لاهور: سومر 11 مارچ 2019ع: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج جون بهترين سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف بيمار لڳي رهيو هو، کيس صحت جون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته  بيمار قيدي کي علاج جون بهترين سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، نواز شريف کي قيد ۾ رکي ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميثاق جمهوريت تي عمل نه ڪرڻ اسان جي ناڪامي آهي، ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف پاڻ چيو ته هو نظرياتي بڻجي ويو آهي، پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکندو، هو پنهنجي اصولن تي قائم آهي، ڪنهن به قسم جي ڊيل جو تاثر نه ٿو ملي.

هن چيو ته دل جي مريض کي دٻاءَ ۾ رکڻ مٿس تشدد ڪرڻ برابر آهي، نواز شريف جي حڪومت سان ڊيل جون ڳالهيون پکيڙيون پيون وڃن جنهن ۾ ڪابه سچائي ناهي، نواز شريف سان ملاقات ۾ ميثاق جمهوريت تي ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنگ جي ماحول ۾ ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪري غير سياسي فيصلو ڪيو ويو.

هن چيو ته منهنجو والد 11 سال جيل ۾ رهيو پر ڪو به الزام ثابت نه ٿيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان ٿر ۾ خطاب ڪري ملڪ ۾ اتفاق راءِ جي ماحول کي نقصان پهچايو ويو آهي، اسد عمر پڙهيل لکيل جاهل ماڻهو آهي، مان ڪڏهن به پنهنجي نالي ۾ زرداري استعمال ڪرڻ کان نه روڪيو آهي، عمران خان ته نيازي استعمال نه ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو آهي، منهنجي تقرير کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ۽ اسد عمر جي جواب تي هر پاسي تنقيد ٿي رهي آهي، مان پارليامينٽ ۾ حڪومت تي جمهوري تنقيد ڪئي.

هن چيو ته شهباز شريف سان رابطو رهندو آهي، مريم نواز سان به ملاقات ڪري سگهان ٿو، مريم نواز خاموش نه آهي هوءَ بيان ڏيندي رهندي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو نانو ۽ والد ڪوٽ لکپت جيل ۾ رهي چڪا آهن، مان نه ٿو چاهيان ته سڀاڻي وزيراعظم به جيل ۾ هجي ۽ سندس ٻار انصاف لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄن. هن چيو ته پ پ پ ۽ ن ليگ هڪ ٻئي کان غلطين جي معافي وٺي چڪا آهن، اميد آهي ته نواز شريف پنهنجي نظرياتي سياست جاري رکندو.