نئون ديرو: سومر 11 مارچ 2019ع:نئون ديرو ۾ نوجوانن جي سماجي تنظيم يوٿ اسٽرينٿننگ آرگنائيزيشن پاران ڇوڪرين ۾ اتساهه ۽ اڳواڻيءَ جي صلاحيتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ گورنمينٽ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو جي آڊيٽوريم هال ۾ “گرلز گروئنگ ليڊرشپ ڪانفرنس” جي عوان هيٺ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ نئون ديرو، ڳڙهي خدابخش ڀٽو، بنگل ديرو، رتوديرو سميت مختلف اسڪولن کان آيل شاگردياڻين ڀرپور نموني حصو وٺندي پئنل ڊسڪشن، موٽيويشنل پاور ٽاڪ، شاعري ۽ ڪوئز مقابلن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو پيش ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي خاص مهمان انور ٻرڙو چيو ته اسان جي سماج ۾ عورت کي مردن جي برابري وارو درجو نه ڏنو ويندو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو مرد اڪثر عورت مٿان مختلف وقتن تي تشدد ۽ ڏاڍ جا ليڪا لتاڙيندا رهندا آهن. نئون ديرو ۾ نوجوانن جي سماجي تنظيم يوٿ اسٽرينٿننگ پاران اهڙي مدي خارج ريتن رسمن کي ختم ڪري موجوده دور جي گهرجن مطابق ڇوڪرين کي برابريءَ جي بنياد تي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوٺايل تقريب سٺو سنوڻ آهي ۽ هن قسم جون تقريبون ٿيڻ گهرجن. تقريب ۾ 4 نشستون رکيون ويون جنهن ۾ پئنل ڊسڪشن واري نشست ۾ ٽي وي جي مشهور اداڪار، ماڊل مظهر سيٺار، فاطمه بروهي، شائسته بلوچ ۽ ڊاڪٽر نويد مهر شريڪ ٿيندڙ ڇوڪرين سان ڊسڪشن ڪري انهن ۾ لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جا گر ٻڌايا ۽ شريڪ ڇوڪرين سان مختلف معاملن تي ڊسڪشن پڻ ڪيو.
جڏهن ته ٻي نشست موٽيويشنل پاور ٽاڪ ۾ ڪراچيءَ کان آيل نوجوان شاگردياڻين فاطمه بروهي، عمير احمد ۽ نين تارا سميع الله شاگردياڻين کي لڪل صلاحيتون پيش ڪرڻ لاءِ ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي جڏهن ته شاعري سيگمينٽ ۾ شاگردياڻين شاعري پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي ۽ آخري مرحلي ڪوئيز مقابلي ۾ پڻ شاگردياڻين ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ وڌ کان وڌ سوالن جا جواب ڏئي پنهنجي لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي تقريب جي آرگنائيزرن طاهر حسين، ڪامران جوکيو، سميع الله مهر، احسان شيخ، رابيل،فاطمه بروهي، شائسته بلوچ، ساجد کهڙو، جويريا ۽ ٻين چيو ته ڇوڪرين ۾ صلاحيتون تمام گهڻيون موجود آهن پر انهن کي پليٽ فارم مهيا نٿا ڪيا وڃن جنهن ڪري ڇوڪرين کي ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. هنن چيو ته اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڇوڪريون به پنهنجي صلاحيتن سان ثابت ڪن ته هو ڪنهن به ريت گهٽ نه آهن ۽ هي پهريون ڀيرو آهي جو نوجوان ڇوڪرن طرفان ڇوڪرين کي اڳتي آڻڻ لاءِ هن قسم جو پروگرام ڪوٺايو.
جيڪڏهن اسان پنهنجي نياڻين کي تعليم جي فيلڊ کان علاوه ٻين شعبن ڏانهن آڻڻ ۾ مدد نه ڪنداسين ته ٻيو ڪير ڪندو؟ ان ڪري ڇوڪرين کي اهڙا موقعا ڏيڻ گهرجن ته جيئن هو به معاشري ۾ پنهنجو پنهنجو پاڻ مڃرائي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت ۽ مقام حاصل ڪري سگهن. تقريب جي آخر ۾ ڪراچيءَ کان ڪهي آيل ڇوڪرين کي تحفا ڏيڻ سان گڏ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڇوڪرين کي مڃتا سرٽيفڪيٽس پڻ ڏانا ويا.01