هٿيارن جي عالمي سطح تي واپار ۾ وڌيڪ واڌ، وڪري ۾ آمريڪا پهرين نمبر تي

news

 اسٽاڪ هوم: سومر 11 مارچ 2019ع: اسٽاڪ هوم ۾ قائم امن تي تحقيق ڪندڙ انسٽيٽيوٽ سپري چيو آهي ته هٿيارن جي عالمي سطح تي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، هٿيار وڪرو ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آمريڪا آهي جيڪو عالمي سطح تي وڪرو ڪيل هٿيارن جو 36 سيڪڙو حصو وڪرو ڪري ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اسٽاڪ هوم ۾ قائم امن تي تحقيق ڪندڙ انسٽيٽيوٽ چيو ته 2009ع کان 2013ع جي ڀيٽ ۾ سڄي دنيا ۾ 2014ع کان وٺي 2018ع تائين هٿيارن جي واپار ۾ اٽڪل 8 سيڪڙو اضافو ٿيو، آمريڪا کان پوءِ هٿيار ايڪسپورٽ ڪندڙ سڀ کان وڏا ملڪ ترتيبوار روس، فرانس، جرمني ۽ چين آهن. سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هٿيار خريد ڪندڙ ملڪن ۾ سعودي عرب پهرين نمبر تي آهي.

رپورٽ موجب ڪجهه حقيقتون هن ريت آهن 2014ع کان وٺي 2018ع تائين جيترا به هٿيار وڪرو ٿيا ان مان 36 سيڪڙو آمريڪا ايڪسپورٽ ڪيو، اهڙي طرح 2009ع کان وٺي 2013ع جي مقابلي ۾ آمريڪي هٿيارن جي وڪرو ۾ 6 سيڪڙو واڌ ٿي، آمريڪا ڪل 100 کان ڪجهه گهٽ ملڪن کي هٿيار وڪرو ڪيا جڏهن ته ڪل انهن هٿيارن جو اڌ حصو سينٽرل اوڀر جي ملڪن کي وڪرو ڪيو ويو.

دنيا جو ٻيو سڀ کان وڏو هٿيار ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ روس آهي جنهن اٽڪل 28 ملڪن کي هٿيار وڪرو ڪري ڏنا، سڄي دنيا ۾ هٿيارن جي فراهمي جي حوالي سان هر پنجين ڊليوري روس ڪئي.