گڙدن جي بيمارين جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

news

 حيدرآباد: خميس 14 مارچ 2019ع: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ گڙدن جي بيمارين جو عالمي ڏينهن اڄ 14 مارچ تي ملهايو پيو وڃي.

ان موقعي تي سڄي ملڪ اندر گڙدن جي بيماري جي قومي اداري ۽ طبي شعبي سان لاڳاپيل ٻين تنظيمن جي سهڪار سان خاص تقريبون، واڪس، سيمينارز، ڪانفرنسون ۽ مباحثا ٿي رهيا آهن ۽ گڙدن جي وڌندڙ بيمارين جا سبب، شروعاتي علامتون، سڃاڻپ، علاج، پرهيز جي قدمن تي تفصيل سان روشني وڌي پئي وڃي.