جيڪب آباد ۾ ٿيلسيميا سينٽر کي بجيٽ جاري نه ٿيڻ خلاف متاثر ٻارڙن جو احتجاج

news

جيڪب آباد: خميس 14 مارچ 2019ع:جيڪب آباد ۾ سول اسپتال جي اي اين ٽي بلاڪ ۾ قائم ٿيليسيميا سينٽر کي سنڌ سرڪار بجيٽ جاري نه ڪئي، جنهن سبب سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، قمبر شهداد ڪوٽ، راجنپور، صادق آباد، رحيم يار خان، جعفرآباد، نصيرآباد، اوسته محمد، ڊيرا مراد جمالي، سبي، ڪوئٽه ۽ سنڌ، بلوچستان توڙي پنجاب جي مختلف شهر سان واسطو رکندڙ 5 سئو کان وڌيڪ ٿيليسيميا جي مرض ۾ ورتل معصوم ٻارڙن جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن، جيڪب آباد ۾ قائم حسيني بلڊ بينڪ ۽ ٿيليسيميا سينٽر کي سنڌ سرڪار 50 سيڪڙو بجيٽ فراهم ڪندي آهي.

جيڪا گذريل هڪ سال کان جاري نه ڪرڻ سبب سينٽر بند ٿيڻ تي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي حسيني بلڊ بينڪ ۽ ٿيليسيميا سينٽر جي ميڊيڪل آفيسر انچارج ڊاڪٽر غلام قادر ٽالاڻي ۽ سپروائيزر سيد مختيار شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ هي ادارو سنڌ سرڪار ۽ حسيني بلڊ بينڪ جي گڏيل سهڪار سان هلندڙ آهي هن ادري جو ساليانه تقريبن 3 ڪروڙ روپيا خرچ آهي جنهن جو اڌ خرچ حسيني بلڊ بينڪ برداشت ڪري رهي آهي ۽ هن سال جي 50  سيڪڙو بجيٽ وارو ڪوارٽر سنڌ سرڪار جاري ناهي ڪيو جنهن سبب حسيني بلڊ بينڪ انتظاميا پاران هي سينٽر هتان بند ڪري ڪراچي منتقل ڪرڻ تي ويچاريو پيو وڃي جيڪڏهن هي سينٽر ڪراچي منتقل ٿي ويو ته هتان جي مريض ٻارڙن کي سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ ڪن ٻارڙن جي حالت ته انتهائي خراب آهي ۽ هو ڪراچي سفر نه ٿا ڪري سگهن.

هنن چيو ته ٿيليسيميا سان واڳيل ميڊيسن، انجيڪشن عام ميڊيڪل اسٽور  تي نه ملنديون آهن ۽ ٻارڙن کي لڳندڙ رت به عام ليبارٽي تي ناهي ملندو ڇاڪاڻ ته ان رت کي خاص طريقي سان چڪاسيو ويندو آهي ۽ ٻار جو چڪاس ڪرڻ بعد کي ان جي ضروت موجب ان کي رات لڳايو ويندو آهي جيڪڏهن سنڌ سرڪار بجيٽ جاري نه ڪئي ته هي ادارو ڪراچي منتقل ٿي ويندو ۽ هتي علاج هيٺ 5سئو کان وڌيڪ معصوم حياتيون خطري ۾ پئجي وينديون.

هوڏانهن ٿيليسيميا سينٽر کي بجيٽ نه ملڻ سبب مريض ٻارن جو علاج نه ٿيڻ خلاف والدين به سخت احتجاج ڪيو آهي ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا مريض ٻارڙن جي والدين قيصر چانڊيو، جاويد لاشاري، شعبان ابڙو، گلاب جان مينگل، محمد الياس، نور محمد،فدا حسين  ۽ ٻين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صلاحاڪار مير اعجاز حسين جکراڻي جي گهر آڏو احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ٻارڙن کي ٿيليسيميا سينٽر تان مفت رت جا عطيه ۽ دوائون ملنديون آهن جيڪي هاڻي بند ڪيون ويون آهن ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار ٿيليسيميا کي گذريل هڪ سال کان بجيٽ ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب هاڻي هو ادارو مڪمل خرچ برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ انهن اسان کي جواب ڏنو آهي جنهن سبب اسين سخت پريشان آهيون هنن سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي آهي ته حسيني بلڊ بينڪ ۽ ٿيليسيميا سينٽر کي جلد بجيٽ جاري ڪري اسان جي ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.01