سعودي شهزادي پاران حڪومت خلاف تحريڪ جو اعلان

news

برلن: خميس 14 مارچ 2019ع: جرمني ۾ رهندڙ سعودي شهزادي خالد بن فرحان السعود سعودي عرب جي شاهي نظام خلاف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

دي فريڊم موومينٽ آف عريبيئن پيننسويلا پيپل جي باني شهزادي خالد 10 سالن کان پاڻمرادو جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهي.

برطانوي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته هو بيپناهه انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ناانصافي کي روڪڻ لاءِ سعودي عرب ۾ دستوري بادشاهت لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو، جتي چونڊن وسيلي وزيراعظم ۽ ڪابينا مقرر ڪئي وڃي.

هڪ سوال تي هن چيو ته سعودي عرب ۾ برطانيه جيان بادشاهت موجود رهندي پر اصلي طاقت عوام وٽ هوندي.