نوجوانن لاءِ وڏي خبر، هاڻ ڪميشن امتحان آن لائن ٿيندا

news

پشاور: خميس 14 مارچ 2019ع: ڪميشن امتحانن ۾ لکڻ جي جهنجهٽ کان ڇوٽڪارو ملڻ وارو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ آن لائن امتحان وٺڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، شفافيت برقرار رکڻ لاءِ امتحان جي نالي سان سافٽ ويئر به ٺاهيو ويو.

خيبرپختونخواهه پبلڪ سروس ڪميشن لاءِ اميدوارن جي ڊيٽا محفوظ ڪرڻ ۽ امتحان ڪمپيوٽر وسيلي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، امتحان جي نالي سان ڪمپيوٽر سافٽ ويئر تيار ڪيو ويو آهي جنهن سان سرڪاري نوڪرين لاءِ درخواستون، اميدوارن جي شارٽ لسٽنگ، شفاف طريقي سان ٽيسٽ وٺڻ ۽ نتيجا جوڙڻ ۾ آساني ٿيندي.

سافٽ ويئر کي حتمي شڪل ڏئي ڪنٽرول صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي، آن لائن ٽيسٽنگ لاءِ ڪميشن جي اسٽاف کي ترتيب ڏنو ويندو.