ڳڙھي حسن ويجهو ڏير هٿان ڪارنهن الزام هيٺ ڀاڄائي قتل

news

ڳڙهي حسن: خميس 14 مارچ 2019ع:ڳڙھي حسن ڀرسان ڳوٺ چلا حمزاڻي بگٽي ۾ جوابدار ڇگو بگٽي پنهنجي ڀاڄائي مسمات عائشه بگٽي کي محمد مراد بگٽي سان  ڪارنهن الزام ڏئي ڪلاشن جا برسٽ هڻي قتل ڪرڻ بعد ڀاڄائي عائشه جي لاش کي گم ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب ناري جي لاش کي پٽ فيڊر واري ڪينال ۾ لوڙهيو ويو آهي، ناري جي قتل جي اطلاع تي پوليس ناري جي لاش جي ڳولا ڪري رهي آهي، جڏهن ته قتل ڪرڻ بعد جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو آهي.01