ڀڄي جان بچائي، سمورا ڪرڪيٽر خيريت سان آهن: تميم اقبال

news

ويلنگٽن: جمعو 15 مارچ 2019ع: نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائٽ چرچ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ذري تان بچي وئي، ڪپتان تميم اقبال جو چوڻ آهي ته ڀڄي جان بچائي، سمورا ڪرڪيٽر خيريت سان آهن.

فائرنگ جي وقت بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽين جمعي جي نماز جي ادائيگي لاءِ مسجد ۾ موجود هئي، رانديگرن ڀڄي جان بچائي، واقعي کان فوري پوءِ ڪپتان تميم اقبال پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ٽيم جا رانديگر محفوظ آهن.

بنگلاديشي رانديگر مشفيق الرحيم جو ٽوئيٽ ۾ چوڻ هو ته اسان تمام گهڻا خوش قسمت رهياسين جو فائرنگ جي ان واقعي ۾ الله تعاليٰ اسان کي محفوظ رکيو، اسان ڪڏهن نه چاهينداسين ته اهڙو ٻيهر ٿئي.

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ بورڊ به سمورن رانديگرن جي محفوظ هجڻ جي تصديق ڪئي آهي، دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ سڀاڻي ٿيندڙ ٽئين ميچ رد ڪئي وئي آهي.