نيوزيلينڊ مسلمانن جو گهر آهي ۽ سندن حفاظت لازمي آهي: وزيراعظم

news

ويلنگٽن: جمعو 15 مارچ 2019ع: نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي حملي ۽ شهادتن کانپوءِ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيڪندا آرڊن به ميدان ۾ اچي وئي ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مذمت ڪندي هڪ حملي آور جي گرفتاري جي تصديق ڪئي، سندس چوڻ هو ته جوابدار کان جاچ جاري آهي، في الحال تفصيل نه ٿا ٻڌائي سگهون، نيوزيلينڊ مسلمانن جو گهر آهي ۽ سندن حفاظت لازمي آهي، اڄ اسان جي ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان ڪارو ڏينهن آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم آرڊن ٻڌايو ته اسان اهڙن واقعن جي مذمت ڪريون ٿا، نيوزيلينڊ ۾ پرتشدد واقعن جي ڪابه جاءِ ناهي، هن چيو ته فائرنگ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهو مهاجر ٿي سگهن ٿا جيڪي نيوزيلينڊ آيا آهن.