مسلمانن تي حملن جو سبب تيزي سان ڦهلجندڙ اسلاموفوبيا آهي: وزيراعظم

news

اسلام آباد: جمعو 15 مارچ 2019ع: وزيراعظم پاڪستان عمران خان نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي ٿيندڙ حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجد تي دهشتگرد حملو انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ مذمت جوڳو آهي.

وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي ٿيندڙ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي ٿيندڙ دهشتگراڻن حملن جي خبر سان ڌچڪو لڳو آهي جنهن تي صدمي ۾ آهيان ۽ ان تي پرزور مذمت ڪريان ٿو، اهو حملو اسان جي ان موقف جي تصديق ڪري ٿو جنهن کي اسان لڳاتار ورجائيندا آيا آهيون ته دهشتگردي جو ڪوبه مذهب ناهي هوندو، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهروارن ۽ متاثرن لاءِ دعاگو آهيان.

وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلمانن تي وڌندڙ حملن جي پويان 11/9 کانپوءِ تيزي سان ڦهلجندڙ اسلاموفوبيا (اسلام سان نفرت) ڪارفرما آهي جنهن جي تحت دهشتگردي جي هر واردات جي ذميواري مجموعي طور تي اسلام ۽ سوا ارب مسلمانن جي ٿفڻ جو سلسلو جاري رهيو، مسلمانن جي جائز سياسي جدوجهد کي نقصان پهچائڻ لاءِ به اهو حربو آزمايو ويو.

وزيراعظم عمران خان کان علاوه ٻين سياسي اڳواڻن به حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري دنيا کي دهشتگردي خلاف هڪ صفحي تي اچڻو پوندو، دهشتگردي هڪ ناسور آهي جنهن کي ختم ڪرڻو پوندو.