لاڙڪاڻو ويجهو باغ مان نوجوان جو لاش هٿ

news

لاڙڪاڻو: جمعو 15 مارچ 2019ع:باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مڏباهو ويجهو باغ مان نوجوان جو لاش ڏسي ڌنارن حد جي باقراڻي ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

ان موقعي تي نادر علي چانڊيو ۽ راحب علي چانڊيو پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيو ته ڀاءُ اياز علي چانڊيو کي هڪ پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي، جيڪو سائيڪل تي فروٽ وڪرو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ پاليندو هو.

گذريل ڇنڇر ڏينهن هو صبح جو گهران نڪري فروٽ وڪرو ڪرڻ کان اڳ هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ويو ۽ بعد ۾ گهر واپس نه آيو، جتان هو پراسرار نموني گم ٿيو.

اهڙو اطلاع حد جي باقراڻي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو. هن ٻڌايو ته اڄ مڏباهو ويجهو باغ ۾ قائم کوهه مان ڀاءُ اياز علي چانڊيو جو لاش هٿ آيو آهي.01