بجلي هڪ روپيو ٽيويهه پئسا مهانگي ڪرڻ جي تجويز

news

اسلام آباد: جمعو 15 مارچ 2019ع: سينٽرول پاور پرچيزنگ ايجنسي في يونٽ بجلي هڪ روپيو 23 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي موجب درخواست فيبروري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.

سي پي پي اي جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري ۾ ڪل 6 ارب 68 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي ۽ ان  تي لاڳت 32 ارب 61 ڪروڙ رهي. درخواست ۾ ٻڌايو يوو ته فيبروري ۾ ڪوئلي تي 17.46 سيڪڙو، فرنس آئل تي 1.68 سيڪڙو، گيس مان 23.85 سيڪڙو ۽ گهرايل ايل اين جي مان 16.89 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.

درخواست موجب فيبروري لاءِ في يونٽ بجلي فيول لاڳت جو تقريبن ڪاٿو 3.97 روپيا هو ۽ بجلي جي پيدوار تي في يونٽ ايوريج لاڳت 5 روپيا 20 پئسا رهي.

نيپرا جو چوڻ آهي ته سينٽرول پاور پرچيزنگ ايجنسي جي  درخواست تي 29 مارچ تي ٻڌڻي ٿيندي ۽ درخواست ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ سمورين بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي واهپيدارن لاءِ آهي.