اسلام آباد: جمعو 15 مارچ 2019ع: ايف بي آر انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
فيڊرل بورڊ آف روينيو موجب ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 مارچ مقرر ڪئي وئي آهي ۽ مقرر تاريخ تائين گوشوارا جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ڪمپنيز ۽ ايسوسئيشن آف پرسنز جي لاءِ به تاريخ وڌائي وئي آهي.
ان کان اڳ ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ جي آخري تاريخ 15 ڊسمبر هئي جنهن ۾ ٻيون ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي.