رس بيري شوگر وڌڻ کان روڪڻ ۾ مددگار

news

لنڊن: جمعو 15 مارچ 2019ع: شوگر هڪ اهڙو مرض آهي جنهن ۾ مبتلا شخص پوري زندگي لاءِ انسولين جي انجيڪشنز جو محتاج رهجي ويندو آهي، جڏهن ته هاڻ سائنسدانن هڪ اهڙو ميوو ٻڌائي ڇڏيو آهي جيڪو اوهان جي شوگر کي وڌڻ کان روڪي سگهي ٿو.

رپورٽ موجب اهو ميوو رس بيري آهي، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته رس بيري ۾ اينٿوسيانينز نالي اينٽي آڪسيڊنٽ ملي ٿو جيڪو انسولين جي مزاحمت ۽ حساسيت کي وڌائي سگهي ٿو، تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته روزانو 160 ملي گرام رس بيري کائڻ سان بلڊ شوگر ليول ۾ 8.5 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿيندي آهي.

رپورٽ موجب ان تحقيق جا نتيجا ويب سائيٽ Diabetes.co.uk تي شايع ڪيا ويا آهن جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رس بيري کان علاوه ان نوعيت جا ٻيا ميوا چيري، بليوبيري، اسٽرابيري ۽ بليڪ بيري وغيرا به بلڊ شوگر ليول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن جڏهن ته ٻئي قسم جي شوگر جي مريضن جي لاءِ رس بيري ئي سڀ کان بهترين آهي.

اهو ميوو شوگر سبب لڳندڙ اُڃ، چمڙي جي بيمارين ۽ غير مستحڪم بک کان به ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.