حيدرآباد ضلعي جي مياڻي ۽ ڪاٺڙي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضن خلاف آپريشن

news

مسوڀرڳڙي: جمعو 15 مارچ 2019ع:ضلعي حيدرآباد جي ٻيلي مياڻي ۽ ڪاٺڙي ۾ بااثر ماڻهن جي قبضي ھيٺ آيل زمين تي ٻيلي کاتي جي انتظاميا جو  آپريشن، مختلف بااثر زميندارن پاران ٻيلي کاتي جي زمين تي ٿيل قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي، ٻيلي کاتي جي ڊوزنل آفيسر ثناء الله بليدي جي حڪم تي ٻيلي کاتي جي آفيسر رينجرز بخت علي جتوئي جي اڳواڻي ۾ پوليس اينٽي انڪروچمينٽ فورس ٽيڪٽر ذريعي ڪارروائي ڪري 60 ايڪڙ تي بيٺل غيرقانوني ڪڻڪ، برسينگ توڙي ٻين فصلن کي ڀيلائي ڇڏيو، جڏهن ته آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ  ٻيلي کاتي طرفان 60 ايڪڙن تي ٻٻر جو ٻج پڻ ڇٽيو ويو.

علائقي جي سياسي سماجي ڌرين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو حيدرآباد جا ٻيلا جنهن مياڻي، ڪاٺڙي ۽ نواب محمد خان ٻيلي جي ھزارين ايڪڙ زمين مختلف بااثر سياسي وڏيرن جي قبضي ھيٺ آهي، ان تي به ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻيلي کاتي جي آپريشن انچارج رينجرز بخت علي جتوئي ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته اسان بنا فرق جي ڪارروائي ڪري رھيا آھيون.

جن زميندارن جو فصل تيار آهي، انهن کي به اسان نوٽيس ذريعي مختصر ٽائيم ڏئي ڇڏيو آهي، ٻيلي کاتي جي ڊويزنل آفيسر ثناء الله بليدي ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٻيلي کاتي جي زمين آجي ڪرائڻ لاءِ سخت ڪارروائي ڪري رھيا آھيون ۽ انشاء الله ٻيلي جي قبضي ھيٺ آيل زمينون خالي ڪريون وينديون.

وڌيڪ ھن چيو ته ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ليز تي ڏنل زمين پڻ معطل ڪئي وئي آهي، جنهن بابت انفرادي طور ميڊيا ذريعي ليز حاصل ڪندڙن کي آگاھ ڪيو ويو آهي ۽ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن، ان باوجود سرڪاري زمين خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڌيڪ ھن چيو ته ٻيلي کاتي جي ٽوٽل زمين تان قبضا ختم ڪرايا ويندا ۽ خالي ڪرائڻ بعد ان زمين تي ٻيھر ٻيلا آباد ڪيا ويندا.01