ڪوٽڙي ۾ شهرين پاران گندگي جي شڪايتن جو ڊي سي ڄامشورو نوٽيس ورتو، شهر جو دورو

news

ڪوٽڙي: جمعو 15 مارچ 2019ع:ڪوٽڙي ۾ شهرين پاران گندگي جون دانهون، ڊي سي ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ جي ميونسپل جي چونڊيل ميمبرن ۽ انتظاميا عملدارن سان گڏجاڻي ڪري مختلف علائقن جو دورو ڪيو. ڊي سي ڄامشورو ڪوٽڙي ۾ عوام جي شڪايتن تي شهر ۾ وڌندڙ گندگي، روڊ رستن تي گندو پاڻي بيهڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ميونسپل انتظاميا کي ترت علائقن مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

درٻار هال ڄامشورو ۾ گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شوڪت علي اڄڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي غلام رسول، ميونسپل ٻولهاڙي چيئرمين مختيار علي جمالي، ميونسپل ڪوٽڙي چيئرمين ارباب نور محمد شورو، پبلڪ هيلٿ انجنيئر سهيل ميمڻ، سي ايم او ٿاڻوبولاخان ڪيلاش ڪمار  شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي سي ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ چيو ته اڄ سڀني کي هٿي گهرائڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪوٽڙي ۾ گندگي جو آزار آهي، انهن علائقن ۾ فوري طور صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي.

ڪوٽڙي شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن  علائقن ۾ گندگي جو آزار، گٽرن جو اٿلڻ سبب روڊن ۽ رستن تي گند جا ڍير نالي جو پاڻي سان ڀريل آهن، جنهن ڪري ڪوٽڙي جي عوام کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. ان سلسلي ۾ هن تعلقي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو 48 ڪلاڪن اندر ڪوٽڙي ۽ ان جي ڀرپاسي واري علائقن جي گهٽين روڊن ۽ رستن تي بيٺل نالي جي گندگيء پاڻيءَ ۽ نيڪالي ڊرينج جن هنڌ تان بند ٿيل آهن، اتي جلد از جلد صفائي ڪري انهن کي کوليو وڃي.

هن چيو ته جيڪي شهر پسند عناصر گٽرن ۾ گند ڪچرو ۽ ڀريل ٻوريون اڇلائين ٿا ۽ گٽرن کي بندڪن ٿا، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد دين مصطفيٰ، ميونسپل ڪوٽڙي چيئرمين ارباب نور محمد شورو سان گڏجي ڪوٽڙي مختلف علائقن لطيف چوڪ، باريچا چوڪ، نانگولائين، لياقت روڊ جو دورو ڪري وڌندڙ گندگي کي فوري طور ۽ گندي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ميونسپل انتظاميا کي چيو ته جتان به مشنري آڻيون ڏينهن رات ڪري شهر مان صفائي سٿرائي کي يقين بڻايو وڃي، جيڪڏهن ڪوبه ملازم ڪم نٿو ڪري ته اسان کي ٻڌايو ته انهن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.01