اداڪارا زارا شيخ جي ڊگهي عرصي کانپوءِ فلمن ۾ واپسي

news

ڪراچي: ڇنڇر 16 مارچ 2019ع: پاڪستان فلم انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا زارا شيخ ڊگهي عرصي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فلمن ۾ نظر ايندي.

2000ع ۾ فلم تيري پيار مين وسيلي فلمن ۾ قدر رکندڙ خوبصورت اداڪارا زارا شيخ پنهنجي پهرئين ئي فلم سان شوقينن جي دلين م لهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي.

ان کانپوءِ زارا شيخ فلم چلو عشق لڙائين ۽ لاج سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ نظر آئي جڏهن ته ڊگهي عرصي کان زارا شيخ اسڪرين تان غائب آهي ۽ هاڻ سندس مداحن لاءِ سٺي خبر آهي ته زارا شيخ فلمن ۾ واپسي ڪري  رهي آهي.

اداڪارا زارا شيخ عيدالاضحيٰ تي رليز ٿيندڙ فلم هير مان جا ۾ هڪ گاني تي پرفارم ڪندي نظر ايندي جڏهن ته اهو به چيو پيو وڃي ته زارا شيخ فلم ۾ مختصر ڪردار به ادا ڪندي جڏهن ته ان حوالي سان حتمي خبر سامهون ناهي آئي.