استور ۾ آمريڪي شهري نوي هزار ڊالر ڏئي مارخور جو شڪار ڪيو

news

گلگت: ڇنڇر 16 مارچ 2019ع: استور ۾ آمريڪي شهري مسٽر جم 90 هزار آمريڪي ڊالرن جي عيوض هڪ مارخور جو شڪار ڪيو.

ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري آصف الله خان موجب هن سيزن جو اهو آخري شڪار هو، ان کان اڳ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ ٽي ٻيا مارخور شڪار ٿي چڪا هئا.

ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته جوٽيال گلگت ۾ هڪ لک 10 هزار ڊالر، ٻيون بونجهي استور ۾ هڪ لک ڊالر جڏهن ته ٽيون حراموش گلگت ۾ هڪ لک 5 هزار ڊالر ۾ شڪار ٿي چڪو آهي.

آصف الله خان چيو ته شڪار مان حاصل ٿيندڙ رقم جو 20 سيڪڙو حصو حڪومت جڏهن ته 80 سيڪڙو ڪميونٽي کي ڏنو ويندو آهي.