ٽي بي جي اثرائتي علاج لاءِ ڪوائل تيار

news

نيويارڪ: ڇنڇر 16 مارچ 2019ع: ٽي بي جي مريضن کي هر هر ڪيترن ئي طرح جون دوائون کائڻيون پونديون آهن جيڪو هڪ پريشان ڪندڙ عمل به هوندو آهي پر هاڻ ماهرن پيٽ ۾ لهي دوا خارج ڪندڙ ننڍڙي ڪوائل تيار ڪئي آهي جيڪا معدي ۾ لهي اتي رهندي ڏينهن ۽ هفتن تائين دوا خارج ڪندي رهندي آهي.

دوا مان ٺهيل بار جيان ڪوائل کي ميساچيوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي سائنسدان ملويڪا ورما ۽ سندس ساٿين تيار ڪيو آهي.

ڪوائل ٺهڻ کانپوءِ ان جي ڊيگهه 10 سينٽي ميٽر رهجي ويندي آهي جنهن ۾ جابجا دوائون ڀريل آهن، جهڙي طرح ڌاڳي ۾ سوراخ واريون ٽافيون لڳايون وينديون آهن بلڪل اهڙي طرح مختلف دوائن واريون گوليون ان جو حصو هونديون آهن ۽ هر گولي هڪ خاص دوا رکي ٿي.

ان ڪوائل کي سڌو ڪري پهريان نڪ يا ڳلي جي رستي پيٽ ۾ پهچايو ويندو آهي ۽ پيٽ جي اندر وڃي اها ٻيهر ڪوائل جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي، هاڻ ان تي لڳل مختلف دوائون پنهنجي پاليمر جي لحاظ کان مختلف شرح سان پيٽ ۾ ملنديون ۽ خارج ٿينديون رهنديون آهن.

اهڙي طرح سموري دوا استعمال ٿيڻ کانپوءِ باقي رهندڙ ڪوائل مقناطيس وسيلي جسم کان ٻاهر ڪڍي ويندي آهي.

ماهرن ان جي فائدي لاءِ ان ۾ ڪجهه اينٽي بايوٽڪس لڳائي ڪوائل کي سوئرن تي آزمايون، هڪ مهيني تائين رت ۽ ٻئي ٽيسٽ مان خبر پئي ته ڪوائل مان لڳاتار دوا ملي رهي آهي ۽ سوئرن جي جسم ۾ شامل ٿي رهي آهي.

ان دوران ڪنهن طرح جا ڪي به هاڃيڪار اثر به نه پيا، جانورن ۾ وزن جي گهٽتائي، کاڌي جي مسئلن، معدي ۾ زخم ۽ فضلن جي خارج ٿيڻ سميت ڪوبه مسئلو نه ڏٺو ويو.

ڏورانهن ۽ غريب علائقن ۾ ٽي بي جي مريضن لاءِ دوا جي حاصلات ڏکي هوندي آهي ڇو ته ان لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون دوائون روزانو کائڻيون هونديون آهن، دوائي ڪوائل سان اها ڏکيائي حل ٿي سگهي ٿي ۽ هڪ ڪوائل ڪيترن ئي هفتن ۽ مهينن تائين دوا خارج ڪندي رهي ٿي.