ڪرائسٽ چرچ سانحي جي تعزيتي تقريب ۾ وڃڻ چيلسي ڪلنٽن کي مهانگو پئجي ويو

news

نيويارڪ: آچر 17 مارچ 2019ع: نيويارڪ ۾ چيلسي ڪلنٽن جي ڪرائسٽ چرچ سانحي جي تعزيتي تقريب ۾ اچڻ تي شاگردن چيلسي جو گهيراءُ ڪندي سانحي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.

تفصيل موجب نفرت ڦهلائيندڙ پنهنجي ئي لڳايل باهه ۾ سڙڻ لڳا، آمريڪا، برطانيه هجي يا آسٽريليا باشعور عوام مسلمانن خلاف نفرت کي رد ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جي ڌيءَ چيلسي ڪلنٽن کي ڪرائسٽ چرچ سانحي جي تعزيتي تقريب ۾ ۾ وڃڻ مهانگو پئجي ويو، شاگردياڻي لين ديوڪ چيلسي ڪلنٽن کي ڪرائسٽ چرچ سانحي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته ڪرائسٽ چرچ سانحو تو جهڙن ماڻهن جي ڀڙڪائڻ تي ٿيو جڏهن ته چيلسي ڪلنٽن وضاحتون ڏيندي رهي.