هالي ووڊ فلم اي ڊارڪ پليس جو نئون ٽريلر جاري

news

نيويارڪ: آچر 17 مارچ 2019ع: سنسني سان ڀرپور هالي ووڊ فلم اي ڊارڪ پليس جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو، سيمون فيلوزڪي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم اي ڊارڪ پليس جي ڪهاڻي هڪ ڊرائيور جي چوڌاري گهمي رهي آهي جيڪو جهنگ سان لاڳاپيل ڳوٺ جي ٻارڙي جي پراسرار گمشدگي جي جاچ لاءِ جاسوس بڻجي ويندو آهي.

فلم جي ڪاسٽ ۾ اينڊريو اسڪاٽ، ڊينيس گوهه، برونوه ووا، ڪيٿرين ڊيئر، جيسن ڊيوس، ڪرسٽا بيٿ ۽ جي ڊي ايورمور سميت ٻيا اداڪار شامل آهن.

پيٽر هيمپڊين ۽ نورمن ميري جي گڏيل پروڊيوس ڪيل اها فلم 29 مارچ تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.