دل جي بيمارين کي پري رکڻ جو آسان طريقو

news

حيدرآباد: آچر 17 مارچ 2019ع: ڇا اوهان دل جي بيمارين کي هميشه پاڻ کان پري رکڻ چاهيو ٿا، ته سخت ورزش بدران بس پنهنجي جسماني طور تي پنهنجي سرگرمين جو وقت وڌائي ڇڏيو جنهن سان دل جي بيمارين جو خطرو 22 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي، ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هلڪي ورزش به هارٽ اٽيڪ سان موت جو خطرو 42 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

تحقيق ۾ ڄاڻيو ويو ته هلڪيون جسماني سرگرميون يعني روزاني جي مصروفيتن جهڙوڪ هلڻ، ڪپڙا پائڻ، ٿانو ڌوئڻ، سائيڪل هلائڻ يا ڏاڪڻيون چڙهڻ وغيرا دل جي صحت کي بهتر بڻائي ٿي.

ان تحقيق دوران 6 هزار صحت مند عورتن جي ڊيٽا جو تجربو ڪيو ويو جنهن دوران هڪ هفتي تائين فٽنيس ٽريڪرز انهن کي پارايا ويا. ان کانپوءِ پنجن سالن تائين انهن جي صحت جو جائزو ورتو ويو، جنهن دوران 670 کان وڌيڪ عورتن ۾ دل جي بيماري يا رت جي رڳن جون ٻيون بيماريون سامهون آيون.

تحقيق ڪندڙن ڄاڻيو ته روزانو 5 کان 10 ڪلاڪن تائين جسماني طور تي مصروف رهڻ دل جي صحت کي بهتر بڻائي ٿو.