ڳڙهي حسن ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳوٺ تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

news

ڳڙهي حسن: آچر 17 مارچ 2019ع:ڳڙهي حسن ڀرسان آرڊي 238 ٿاڻو جي حد ڳوٺ مير دوران خان کوسو ۾ رات دير سان اڻڄاتل ماڻھن پاران زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڇتي فائرنگ، جاني نقصان نه ٿيو، پوليس غائب، ڳوٺاڻن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، ڳڙهي حسن ڀرسان آرڊي 238 ٿاڻو جي حد ڳوٺ مير دوران خان کوسو رات دير سان اڻڄاتل ماڻھن پاران مير دوران خان کوسو جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ ھارين مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي.

جڏهن ته فائرنگ ڪلاڪ جاري رهي، ڳوٺاڻن ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو ۽ فائرنگ سبب ڪوبه جاني نقصان ناھي ٿيو، اھڙو اطلاع ڳوٺاڻن حد جي ٿاڻي آرڊي 238 کي ڏنو، جڏهن ته  پوليس جاءِ واردات تي دير سان پھتي ۽ ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪندڙ ماڻھن جي گرفتاري ۽ انصاف لاءِ ڳوٺ مير دوران خان کوسو جي ھارين امام الدين مائري، عبدالرسول کوسو، تاج محمد جکراڻي، وزير ڪنڊراڻي، ثناالله نندواڻي ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ھنن صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي ته اسان جي ڳوٺ مٿان ڪيترائي ڀيرا جوابدارن زمين قبضو ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪئي آھي، ھن وقت اسان کي خطرو آھي، اسان ايس پي صحبت پور ۽ ڊي آءِ جي نصيرآباد کان مطالبو ٿا ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.01