اٽڪ ۾ ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيندڙ ٻه ڊاڪٽر قتل

news

اٽڪ: سومر 18 مارچ 2019ع: اٽڪ ۾ ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيندڙ 2 ڊاڪٽرن جا لاش مليا ويا آهن.

پوليس موجب اٽڪ جي علائقي فتح جنگ گلي جاگير مان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيندڙ ٻنهي ڊاڪٽرن جا لاش ڍوڪا صوبي مان مليا آهن.

ڊاڪٽر طاهر عزيز ۽ افتخار ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي زمين گلي جاگير ويندي گم ٿي ويا هئا، ٻنهي ڊاڪٽرن جي گهروارن اڻڄاتل ماڻهن خلااف اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل رات ٻنهي مقتولن جا لاش ڍوڪا صوبي مان مليا آهن جڏهن ته لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.