پي ايس ايل جي ڊريم ٽيم جو اعلان، اي بي ڊويليئرز ڪپتان مقرر

news

ڪراچي: سومر 18 مارچ 2019ع: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي ڊريم ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ اي بي ڊويليئرز کي ان ٽيم جو ڪپتان چونڊيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پي ايس ايل جي چونڊيل 12 رڪني ڊريم ٽيم ۾ مشين واٽسن، ڪامران اڪمل، بابر اعظم، اي بي ڊويليئرز، ڪولنگ انگرام، آصف علي، ڪيرن پولارڊ، فهيم اشرف، حسن علي، وهاب رياض، عمر اڪمل ۽ سنديپ لمي چني شامل آهن.

ان ٽيم جي چونڊ مدثر نذر، رميز راجا ۽ ڊيني موريسن ڪئي آهي، سليڪشن پينل جي سربراهه مدثر نذر موجب پي ايس ايل ۾ زبردست پرفارمنس ڏسڻ لاءِ ملي، انهن مان صرف 12 رانديگرن جي سليڪشن تمام ڏکيو ڪم هو، اسان اهڙي ٽيم چونڊي آهي جيڪا هر لحاظ کان متوازن آهي.