اليڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ مودي جي ٻي شوبازي، نالي سان گڏ چوڪيدار لڳائي ڇڏيو

news

دلي: سومر 18 مارچ 2019ع: وزيراعظم نريندر مودي اپوزيشن جي سخت تنقيد کانپوءِ پنهنجي نالي مان چوڪيدار جي لفظ جي واڌ ڪري ڇڏي.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ ۾ نالي کان اڳ چوڪيدار جي لفظ جي واڌ ڪئي آهي جنهن کانپوءِ سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ تي چوڪيدار نريندر مودي لکيل آهي.

ان حوالي سان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هڪ ٽوئيٽ به ڪئي جنهن ۾ چيو ته مان به چوڪيدار آهيان، هر شخص جي اندر هڪ چوڪيدار هوندو آهي.

ٻئي طرف ڀارتي وزيراعظم کانپوءِ بي جي پي جي ٻين اڳواڻن به پنهنجن نالن سان چوڪيدار لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.