فواد خان جي دي ليجنڊ آف مولا جٽ جي راهه ۾ نئين رڪاوٽ

news

لاهور: سومر 18 مارچ 2019ع: هاءِ ڪورٽ دي ليجنڊ آف مولا جٽ جي پروڊيوسر کي فلم جا نالا، ڪردار ۽ ڊائيلاڪ استعمال ڪرڻ کان ايندڙ حڪم تائين روڪي ڇڏيو.

رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ ٺاهڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواستگذار طرف موقف اختيار ڪيو ويو ته فلم مولا جٽ بابت سمورا حق سندس وٽ آهن پر بلال لاشري غير قانوني طور تي فلم مولا جٽ جو ري ميڪ ٺاهيو آهي.

درخواستگذار طرفان وڌيڪ چيو ويو ته ڪاپي رائٽ قانون تحت بلال لاشاري پنهنجي فلم ۾ مولا جٽ، ڪردار ۽ ڊائيلاگ استعمال نه ٿو ڪري سگهي پر اسان جي اجازت بنا نه صرف فلم جو نالو استعمال ڪيو ويو آهي پر فلم جا ڪردار ۽ ڊائيلاگ به استعمال ڪيا پيا وڃن.

عدالت فلم مولا جٽ جو ٽائيٽل، ڊائلاگ، ڪردار ۽ نالو استعمال ڪرڻ کان روڪيندي حڪم امتناعي جاري ڪري ڇڏيو.