فلم ڪيپٽن مارول جو ٻئين هفتي به ڇهه ڪروڙ ٽريانوي لک ڊالرن جو بزنس

news

حيدرآباد: سومر 18 مارچ 2019ع: عورت سپر هيرو باڪس آفيس تي ڇانئجي وئي، فلم ڪيپٽن مارول جي ٻئين هفتي به ڇهه ڪروڙ 93 لک ڊالر جي بزنس سان پهرئين پوزيشن برقرار آهي.

عورت سپر هيرو جي فلم ڪيپٽن مارول جي رڪارڊ ڪمائي ٻئين هفتي به باڪس آفيس ۾ ڇهه ڪروڙ 93 لک ڊالر ڪمائي ورتا، اينيميٽيڊ فلم ونڊر پارڪ جو ٻيون نمبر رهيو جنهن هڪ ڪروڙ سٺ لک ڊالر ڪمائي ڪئي.

فائيو فيٽ اپارٽ هڪ ڪروڙ 32 لک ڊالر ڪمائي باڪس آفيس تي ٽئين نمبر  تي  رهي.