ٽماٽي جي استعمال سان معدي جي ڪينسر جي روڪٿام ممڪن

news

حيدرآباد: سومر 18 مارچ 2019ع: ٽماٽو اسان جي کاڌن ۾ استعمال ٿيندڙ تمام عام شئي آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته ٽماٽو جي ڪينسر کان بچاءُ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

معدي جي ڪينسر جنهن کي گيسٽرڪ ڪينسر به چيو ويندو آهي پوري دنيا ۾ ڪينسر جو انتهائي عام قاسم آهي، اهو ڪجهه وقتن تي وراثتي به ٿي سگهي ٿو پر گهڻي قدر اهو غير متوازن ۽ غير صحت مند غذائي عادتن سبب پيدا ٿيندو آهي.

هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڪيل تحقيق موجب ٽماٽي جا جزا معدي ۾ ڪينسر جي خلين جي واڌ ويجهه کي روڪيندا آهن، ٽماٽي ۾ ڳاڙهو رنگ وکيريندڙ هڪ جزو لائسوپين ڪينسر خلاف وڙهي سگهي ٿو.

ان کان علاوه پوري ٽماٽي جو جزو گيسٽرڪ ڪينسر جا خليا ڦهلجڻ کان روڪيندو آهي.

ٽماٽو بنيادي رسولي کان ٻين علائقن ۾ ڦهلجندڙ سرطان کي به روڪي سگهي ٿو ۽ مريض جي حياتي بچائي جي سگهجي ٿي.