پيراگون هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل: خواجا ڀائرن جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ

news

لاهور: اڱارو 19 مارچ 2019ع: پيراگون هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل ڪيس ۾ ملسم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 4 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيراگون هائسونگ سوسائٽي اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جيل اختيارين خواجا سعد رفيق جي درخواست عدالتي ڪمري ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته هاڻ ته اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس نه پيو هلي پوءِ هو السام آباد ۾ ڇو ويو آهي.

جيل اختيارين ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي جو اجلاس آهي جنهن سبب خواجا سعد رفيق اسلام آباد ۾ آهي.

جاچ آفيسر جي غير حاضري  تي عدالتي سوال تي نيب اختيارين ٻڌايو ته جاچ آفيسر بيمار آهي جنهن سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان سوال ڪيو ته پيراگون هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل جي حوالي سان حتمي رپورٽ ڇو ناهي آئي، ايندڙ ٻڌڻي تي حتمي رپورٽ جي حوالي سان آگاهه ڪيو وڃي.

ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي 4 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.