ليجنڊري اداڪار محمد علي جي اڄ تيرهين ورسي ملهائي پئي وڃي

news

ڪراچي: اڱارو 19 مارچ 2019ع: جذبات جي شهنشاهه جو خطاب حاصل ڪندڙ اداڪار محمد علي جا چاهيندڙ اڄ سندس ورسي ملهائي رهيا آهن.

لالي ووڊ ۾ 33 سالن تائين راڄ ڪندڙ اداڪار محمد علي 10 نومبر 1938ع تي ڀارت جي شهر رام پور ۾ پيدا ٿيو، ريڊيو ۾ صداڪاري شروع ڪئي، ڊائيلاگ جي منفرد ادائيگي جي شهرت فلمن طرف وٺي آئي.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ 1962ع ۾ فلم چراغ جلتا رها کان ولن طور فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، محمد علي جي هيرو طور پهرئين فلم شرارت هئي، 1966ع ۾ فلم آگ ڪا درياهه کيس سپر اسٽار بڻائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هن اهو عروج حاصل ڪيو جيڪو تمام گهٽ اداڪار پنهنجي زندگي ۾ ڏسي سگهيا. 1966ع ۾ فلم تم ملي پيار ملا جي سيٽ تي سندس ملاقات اداڪارا زيبا سان ٿي ۽ ان ئي سال ٻئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻجي ويا، اهي فلمي جوڙي سالن  تائين فلم ڏسندڙن جي دلين تي حڪمراني ڪندي رهي. جذبن ۽ احساسن کي اداڪاري وسيلي بيان ڪندڙ محمد علي کي جذبات جي شهنشاهه جو خطاب به ڏنو ويو، هن صاعقه، وحشي، آس، آئينا ۽ صورت، انسان ۽ آدمي سميت ٽي سئو اردو، پنجابي، پشتو ۽ بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪيو، هو سماجي ڪمن ۾ به اڳيان اڳيان رهندو هو.

محمد علي 277 فلمن ۾ ڪم ڪيو، سندس آخري فلم دم مست قلندر هئي جيڪا 1995ع ۾ سينيما گهرن جي زينت بڻي. اداڪار محمد علي کي تمغه حسن ڪارڪردگي ملڻ سان گڏوگڏ ڪيترائي ايوارڊ به مليا، 19 مارچ 2006ع تي محمد علي مداحن کي اداس ڇڏي حقيقي خالق سان وڃي مليو.