اي سي جوهي پاران ڪاڇي جي شهر ڇني ۾ عوامي پريس ڪلب جو افتتاح

news

واهي پانڌي: (رپورٽ: نظام رستماڻي) اڱارو 19 مارچ 2019ع:ڪاڇي جي شهر ڇني ۾ عوامي پريس ڪلب ڇني جو افتتاح، اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي نظير احمد سومرو پاران افتتاح ڪيو ويو، پروگرام ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت، مختلف ماڻهن پاران سٿ کي مبارڪباد، ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي نظير سومرو چيو ته اميد آهي ته عوامي پريس ڪلب ڇني جا صحافي ڪاڇي جي مسئلن کي اجاگر ڪندا، اسسٽنٽ ڪمشنر جي اچڻ تي شهري وڏي انگ ۾ پهتا.

شهرين پاران مسئلن جا انبار هجڻ جون دانهون، اسسٽنٽ ڪمشنر پاران شهرين کي مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري. پروگرام ۾ آيل مهمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر کي عوامي پريس ڪلب جي صدر خالد حسين شاهاڻي پاران سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پيش ڪيو ويو. عوامي پريس ڪلب ڇني جي جنرل سيڪريٽري انور بوزدار تقريب ۾ آيل ٻين مهمانن کي اجرڪ اوڍايا.01