نيل درياهه مان پهريون ڀيرو فرعوني دور جو ٻيڙو هٿ

news

قاهرا: اڱارو 19 مارچ 2019ع: نيل درياهه جي فرش مان هاڻوڪن ڏينهن ۾ هڪ عظيم الشان ٻيڙو تمام سٺي حالت ۾ هٿ ٿيو آهي، ان دريافت سان ڪيترن ئي سالن کان جاري هڪ بحث جو خاتمو ٿي ويو جيڪو فراين جي شاندار ٻيڙين بابت هو.

يوناني تاريخدارن هيروڊوٽس پهريون ڀيرو پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو ذڪر ڪيو هو، هسٽريز نالي اهو ڪتاب 450 قبل مسيغ ۾ منظرعام تي آيو هو.

هن اهرام بابت لکيو هو ته انهن کي جوڙيندڙ پٿرن وچ ۾ وار برابر به فرق ناهي ۽ جڏهن منجهند جو ان تي اُس پوندي آهي ته اهرام عڪس ٺاهي هڪ روشن منطر ٺاهيندو آهي جنهن کي ڏسي هوش اڏامي ويندا آهن.

هيروڊوٽس مصر جي سير ۾ اهو به چيو هو ته هن بارس نالي هڪ تمام وڏو ٻيڙو ڏٺو جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي سامان سميت هڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ ويندا هئا جڏهن ته ماهرن کي ان جي ثبوت جي ڳولا هئي ۽ نئين دريافت سان هيروڊوٽس جي بيان جي تصديق ٿي آهي.

آڪسفورڊ سينٽر آف ميري ٽائم آرڪيالوجي جي ماهر ڊاميان رابنسن چيو آهي ته هن هڪ وڏي ٻيڙي جو 70 سيڪڙو ڍانچو هٿ ڪيو آهي جيڪو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته فرعون جي عهد ۾ وڏا واپاري ٻيڙا استعمال ٿيندا هئا.

سال 2013ع ۾ سائنس بابت روسي اڪيڊمي سان لاڳاپيل مصري علمن جي ماهر اليگزينڊر بيلوو چيو هو ته ٻيڙن کي يا ته سرن سان ٺاهيو ويندو هو يا ان تي سرن جهڙي ساخت نمايان هئي.