ٽينس جو وڏو اپ سيٽ، آسٽريا جي ڊومنڪ ٿيم روجر فيڊرر کي شڪست ڏئي ڇڏي

news

نيويارڪ: اڱارو 19 مارچ 2019ع: آمريڪي ٽينس ڪورٽ تي وڏو اپ سيٽ ٿي ويو، آسٽريا جي ڊومنڪ ٿيم رڪارڊ گرينڊ سليم ونر روجر فيڊرر کي هارائي پهرئين ماسٽرز 1000 کٽي ورتي.

ڪيليفورنيا ۾ ٽينس جو وڏو مقابلو، ماسٽرز 1000 جي ٽائيٽل مقابلي ۾ رڪارڊ 20 گرينڊ سليم چيمپيئن روجر فيڊرر ۽ آسٽريا جو ڊومينڪ ٿيم آمهون سامهون ٿيا.

سوئس اسٽار فيڊرر برتري ڏيکاريندي پهريون سيٽ 6-3 سان کٽي ورتو، نوجوان رانديگر ڊومينڪ شاندار ڪم بيڪ کي يادگار بڻائي ڇڏيو، 6-3 سان ٻيو سيٽ کٽيو.

ورلڊ ڪلاس رانديگر خلاف وڏي ڪاميابي سبب نوجوان جو مورال هاءِ، ٽيون ۽ آخري سيٽ 7-5 سان کٽي وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح ڊومينڪ ٿيم ڪيريئر جو پهريون ماسٽرز 1000 ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو ۽ حيران ڪندڙ ڪارڪردگي سان چڱي داد وصول ڪئي.