مودي سرڪار تعليم يافته ڪشميري نوجوانن کي بندوق کڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي: محبوبا مفتي

news

سري نگر: اڱارو 19 مارچ 2019ع: والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبات مفتي جو چوڻ آهي ته مودي سرڪار جي طاقت تي ٻڌل پاليسيون تعليم يافته ڪشميري نوجوانن کي بندوق کڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب والاريل ڪشمير جي وڏي وزير محبوبا مفتي جو چوڻ هو ته آزادي جي جنگ ۾ ڪشميرين بيشمار مصيبتون برداشت ڪيون آهن، پڇا ڳاڇا جي نالي تي گهرن مان کنڀيل نوجوانن کي تابوت ۾ واپس موڪليو ويندو آهي.

محبوبات مفتي جو چوڻ هو ته وطن پرستي جي جنون جيم ظاهري لاءِ ڪشمير کي استعمال ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي، مودي سرڪار جي طاقت تي ٻڌل پاليسين تعليم يافته ڪشميري نوجوانن کي بندوق کڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.