سافٽ ڊرنڪس جو تمام گهڻو استعمال اڻ مُدائتي موت جو پيغام: تحقيق

news

نيويارڪ: اڱارو 19 مارچ 2019ع: هر روز هڪ کان وڌيڪ سافٽ ڊرنڪس پيئندڙ ماڻهو خبردار ٿي وڃن اها عادت انهن لاءِ وقت کان اڳ حياتي ڳڙڪائيندڙ به ثابت ٿي سگهي ٿي.

جرنل سرڪوليشن ۾ 18 مارچ تي هڪ رپورٽ شايع ٿي جنهن موجب ماهرن 30 سالن تائين 80 هزار کان وڌيڪ مردن ۽ 37 هزار عورتن جو جائزو ورتو.

ان ۾ هر چئن سالن کانپوءِ ماهرن ماڻهن کان انهن جي غذائي عادتن ۽ ٻين تفصيلن تي سوالناما به ڀرايا. انهن ۾ هڪ سوال سافٽ ڊرنڪس، انرجي ڊرنڪس ۽ فوري  توانائي پهچائيندڙ اسپورٽس ڊرنڪس جي باري ۾ به هو.

ان سروي ۾ خبر پئي ته جن عورتن ۽ مردن ان عرصي ۾ ٻه کان 6 سافٽ ڊرنڪس في هفتو پيتيون هيون انهن ۾ هڪ مهين ۾ هڪ سافٽ ڊرنگ پيئندڙن جي مقابلي ۾ وقت کان اڳ موت جو خطرو 6 سيڪڙو تائين وڌيڪ ڏٺو ويو.

ٻئي طرف روزانو هڪ يا ٻه سافٽ ڊرنڪ پيئندڙن ۾ اهو خطرو 14 سيڪڙو تائين وڌيڪ ڏٺو ويو. ماهرن ان سروي ۾ سگريٽ نوشي، شراب نوشي، ٿولهه ۽ ورزش نه ڪرڻ جهڙن عملن کي به شامل ڪيو آهي.

تحقيق جي مرڪزي ليکڪ ۽ هارورڊ يونيورسٽي جي سائنسدان وسانتي ملڪ چيو ته ان جو مشورو آهي ته ماڻهو فوري طور تي سافت ڊرنڪس جو استعمال ختم ڪري ان کي پاڻي سان تبديل ڪري ڇڏين ته جيئن انهن جي زندگي بهتر ۽ ڊگهي ٿي سگهي.

ان جي رپورٽ ۾ چيو يوو آهي ته نه صرف آمريڪي نوجوان پر ترقي پذير ملڪن ۾ به سافٽ ڊرنڪ جي استعمال جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي.