سنڌ يونيورسٽي ۾ ايس ايس او پاران ڪينسر ۾ ورتل شاگردياڻي يمني صديقي لاءِ فنڊ گڏ ڪيو ويو

news

ڄامشورو: اڱارو 19 مارچ 2019ع:سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي تنظيم ايس ايس او طرفان ڪينسر ۾ ورتل سانگهڙ جي شاگردياڻي يمني صديقي جي زندگي بچائڻ لاءِ بلال احمد رخشاڻي، زمان علي دريا خان، قربان سنجراڻي، عتيق لاشاري ۽ رسول بخش چاڪراڻي جي اڳواڻي ۾ فنڊ گڏ ڪيو ويو.

جنهن ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور حصو ورتو. ايس ايس او اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان سڀ متحد ٿيون ۽ هڪٻئي جي خدمت جو جذبو هجي ته يمني صديقي ۽ ٻين بيماري سان جهيڙيندڙ ذهين شاگردن جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.01