ون ڊي سيريز، قومي ٽيم جو اڄ ٽريننگ سيش، جمعي تي آسٽريليا خلاف پهرئين ميچ ٿيندي

news

شارجا: اربع 20 مارچ 2019ع: آسٽريليا خلاف پنجن ون ڊي ميچن جون جو تياريون اڄ کان شروع ٿينديون، شعيب ملڪ جي قيادت ۾ يو اي اي پهچندڙ ٽيم ٽريننگ شروع ڪندي قومي شاهين اڄ کان ٽريننگ ڪندا، بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ مهارتون بهتر ڪندا.

پاڪ آسٽريليا سيريز ٽرافي جي رونمائي واري تقريب سڀاڻي ٿيندي، قومي 16 رڪني ٽيم نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي، سرفراز احمد کي آرام ڏنو ويو جڏهن ته پاڪ آسٽريليا سيريز جي قيادت شعيب ملڪ حوالي ڪئي وئي آهي.

پاڪستان سپر ليگ ۽ ڊوميسٽڪ ۾ پرفارم ڪندڙ عابد علي، سعد علي ۽ بالر محمد حسنين کي موقعو ڏنو ويو آحي جڏهن ته شان مسعود ۽ عمر اڪمل جو به ڪم ٿيو آهي.

سيريز جو افتتاحي مقابلو 22 مارچ تي شارجا ۾ شيڊول آهي، 31 مارچ تي سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي دبئي ۾ کيڏي ويندي.