ٽائيٽل کٽڻ تي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي انعامي رقم ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو

news

ڪراچي: اربع 20 مارچ 2019ع: ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ٽائيٽل کٽڻ تي پنهنجي پليئرز کي ملندڙ انعامي رقم ٻيڻي ڪري ڇڏي.

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز فائنل ۾ پشاور زلمي کي زير ڪري پهريون ڀيرو پي ايس ايل ٽائيٽل کٽيو، ويب سائيٽ کي انٽرويو ۾ نديم عمر چيو ته عمر ايسوسئيٽس کان اسان جي تمام پراڻي روايت هلي رهي آهي ته جڏهن اسان ڪو ايونٽ کٽيون ته ون بونس ۾ ايتري ئي واڌ پاڻ ڪري ڇڏيندا آهيون، هن ڀيري پليئرز چيو ته ايئن ئي ڪريو سڀ کان وڌيڪ زور سرفراز احمد ڏنو ته روايت ٽٽڻ نه گهرجي، مون سندن مطالبو مڃي ورتو آهي، پليئرز اسان جي لاءِ ايتري محنت ڪن ٿا انهن کي صلو ته ملڻ ئي گهرجي.

هن چيو ته اسان ڪوئيٽا وڃي رهيا آهيون اتان جي چيف منسٽر به انعام جو واعدو ڪيو آهي ڪجهه ٻيا ماڻهو به ايئن چئي رهيا آهن، انشاءَالله اسان ضرور ٻيڻي رقم رانديگرن کي ينداسين، اسان ٽرافي سڀ کان پهريان بلوچستان جي ماڻهن کي ڏيکارينداسين، ان کانپوءِ پوري پاڪستان ۾ جشن ملهايو ويندو.

نديم عمر چيو ته شين واٽسن کي پاڪستان اچڻ تي راضي ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ مون ڏانهن نه ٿو وڃي، ان ۾ معين خان، اعظم خان ۽ نبيل هاشمي جو به وڏو ڪردار آهي، اسان صبح پنج وڳي تائين ويهي کيس سمجهايو ته ڪيترا پرڏيهي ڪرڪيٽر اتي وڃي چڪا آهن اوهان به هلو، جيڪڏهن خدانخواسته ڪو اڻوڻندڙ واقعو ٿيو ته اسان اوهان کي اڳلي فلائٽ سان آسٽريليا واپس موڪلي ڇڏينداسين.

هن چيو ته شين واٽسن دل جو صاف ماڻهو آهي، گزريل سال سندس گهروارن کيس رڪي ورتو هو، هن ڀيري اسان پهريان سندس والد ۽ گهرواري کان اجازت ورتي، پوءِ سندس هڪ پت جي سالگرهه هئي اسان ان کي ڪافي مڃايو ته ڊيڊي کي پاڪستان وڃڻ ڏيو هن ڀيري ٽائيٽل کٽي واپس ايندو، واٽسن پاڻ دل سان چاهي رهيو هو ته ڪهڙي طرح به فيملي اجازت ڏئي ڇڏي پوءِ هو اچڻ تي راضي ٿي ويو.