دنيا جو سڀ کان مهانگو ڪبوتر، قيمت ايڪويهه ڪروڙ روپيا

news

برسلز: اربع 20 مارچ 2019ع: يورپي ملڪ بيلجيئم ۾ دنيا جو سڀ کان مهانگو ڪبوتر وڪرو ٿيو، برسلز ۾ ارمانڊو نالي تيز رفتار ڪبوتر جي نيلامي چڱي دلچسپ رهي، چين جي ٻن شهرين وچ ۾ سخت مقابلو ڏٺو ويو.

آخرڪار ارمانڊو 21 ڪروڙ روپين ۾ وڪرو ٿيو، ڪنهن ڪبوتر جي خريداري لاءِ اها هينئر تائين جي سڀ کان وڏي ۽ ٽي ڀيرا وڌيڪ لڳائي وئي هئي.

تيز اڏام ڀرڻ ۾ ارمانڊو پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ هن ڪبوترن جي تيز رفتاري ۽ ڊگهي وقت تائين اڏامڻ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ اهو ئي سندس انفراديت جو سبب  آهي، ان تيز رفتار ڪبوتر جو مالڪ جويل ورشوٽ هو، چين جي جنهن شخص اهو ڪبوتر خريد ڪيو ان جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو.