سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڪوٽڙي ۾ مختلف مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مارچ، ڌرڻو

news

ڪوٽڙي : اربع 20 مارچ 2019ع: ڪوٽڙي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڪوٽڙي ۾ ميونسپل اندر ڪرپشن, گندگي, پيئڻ پاڻي جي کوٽ, اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ سميت ٻين مسئلن خلاف احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو.

ايس,يو,پي,ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو, ممتاز ڳورڙ,شبير ٻنگ,خدابخش ٿيٻو,ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو,عاشق ٻگهيو,شوڪت خاصخيلي,جي,ايم خاصخيلي,۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باباصلاح الدين کان چار ڪلو ميٽر پيادل  مارچ ڪري ڪوٽڙي شهر جي مين روڊ نيشنل بئنڪ آڏو پهچي احتجاجي ڌرڻو هنيو.

مارچ ۾ عورتن, ٻارڙسميت ٻين قومپرست پارٽين جي اڳواڻن يڪجهتي طور شرڪت ڪئي, مظاهري دوران ڪرپشن بند ڪريو,ناڪام چونڊيل نمائندا استيعفيٰ ڏيو, اسپتال ۾ غريبن کي دوائون ڏيو , پيئڻ پاڻي جي کوٽ ختم ڪريو جهڙا زوردار نعرا هڻي رهيا هئا, ان موقعي تي ايس,يو,پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته ڪوٽڙي تاريخي شهر آھي، ڪوٽڙي ۾ هن وقت هر طرف گندگي جا ڍير نظر اچي رهيا آهن، پ ,پ ڪرپشن ڪري شهرن توڙي ڳوٺن کي تباھ ڪيو آھي. ميونسپل جا ادارا وڏيرن لاء ڪرپشن جي سوني جهرڪي بڻيل آھي. اسپتال ۾ مريضن کي سرنج نٿي ملي اسپتال کنڊر بڻيل آھي جيڪا هتان جي چونڊيل نمائندن جي ناڪامي ۽ نا اهلي آھي جو عوامي ادارا ناڪام ٿي ويا آھن.

اسان ڄاڻايل نمائندن کي چتاء ڏيون ٿا ته ڪوٽڙي ۽ سائيٽ ڪوٽڙي مان گندگي ختم ڪري صاف پيئڻ جو پاڻي ڏئي شهرين کي سهولت فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هن قسم جا ڌرڻا ۽  مارچن جو سلسلو وسيع ڪيو ويندو. 

ان موقعي تي ايس,يو,پي اڳواڻ درياء خان لغاري,ممتاز ڳورڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي جي ٻن ميونسپل جنهن ۾ ٻولهاڙي ۽ ڪوٽڙي ميونسپل شامل آھي انهن ۾ ڪرپشن جو راڄ آھي ڪوٽڙي ۽ سائيٽ ڪوٽڙي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي گٽرن واري پاڻي پياريو وڃي ٿو جنهن سبب بيماريون پکڙجي رهيون آھن.