ڀارتي عدالت سمجهوتا ايڪسپريس ڌماڪي جي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو

news

نئين دلي: اربع 20 مارچ 2019ع: ڀارت جي عدالت سمجهوتا ايڪسپريس ڌماڪي ڪيس ۾ ملوث 4 جوابدارن کي ثبوت نه هجڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو.

عالمي خابرو اداري موجب ڀارت ۾ نيشن انويسٽيگيشن جي عدالت مرڪزي جوابدار اسيم آنند سميت ٻين جوابدارن لوڪيش شرما، ڪمل چوهاڻ ۽ رجيندر چوڌري کي بري ڪري ڇڏيو، عدالت اهو فيصلو 11 مارچ تي محفوظ ڪيو هو ۽ 18 مارچ تي ٻڌايو وڃڻو هو.

هڪ پاڪستاني عورت راحيلا جنهن جو والد ان حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو عدالت ۾ پاڪستان مان شآهدن کي نه گهرائڻ تي درخواست جمع ڪرائي هئي، جڏهن ته ڀارتي عدالت عورت جي درخواست کي رد ڪندي اڄ سمجهوتا ٽرين ڌماڪي ڪيس جو فيصلو به ٻڌائي ڇڏيو.