پنوعاقل لڳ وين جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

news

پنوعاقل : اربع 20 مارچ 2019ع:  سڌوجا باءِ پاس مھيسر واري ھوٽل لڳ وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ ڪري غلام رسول ولد آچر ميربحر عمر 45 سال موقعي تي فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش بائيجي پوليس کڻائي تعلقه اسپتال آندو ويو.

ضروريي ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھون واقعي جي بائيجي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي. وين ڊائيو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.