کڏڙو: تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ اٺ ورهين جو نينگر فوت

news

 

کڏڙو: اربع 20 مارچ 2019ع: کڏڙو ٿاڻي جي حد پريتم آباد ڄام صاحب روڊ تي  ڳوٺ حاجي سلطان احمد شر بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ ٿر جي علائقي  مان مزدوري لاء آيل پورھيت ھريو ڪولھي جو8 ورهين جومعصوم نينگر ايسرو ڪولھي موقعي تي فوت ٿي ويو۔ 

جڏھن ته وارثن ڪار ڊرائيور کي جھلي کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ڊروائيور بااثر هئڻ ڪري کيس پوليس ڀڄائي ڇڏيو. جنهن بعد وارثن جي احتجاج ڪرڻ تي پوليس ڊرائيور کي گهرائي معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو. 

نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ھولي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. نينگر جي امڙ کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.