پاڪ افغان سرحدي علائقي ۾ آپريشن، چار مغوي ايراني فوجي بازياب

news

راولپنڊي: خميس 21 مارچ 2019ع: سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحدي علائقي ۾ ڪامياب آپريشن ڪري 4 مغوي ايراني فوجين کي بازياب ڪرائي ورتو.

پاڪ فوج عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب افغانستان مان پابندي مڙهيل تنظيمن جا دهشتگرد 4 مغوي ايراني فوجين سان گڏ پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب انٽيليجنس  اطلاعن تي سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان بارڊر کان 3 کان 4 ڪلوميٽر پري آپريشن ڪيو جتي انهن جي دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن کانپوءِ چئن ئي مغوي ايراني فوجين کي بازياب ڪرائي ورتو جن کي ايراني اختيارين جي حوالي ڪيو ويو.