ضمانت جوڳي ڪيس ۾ عدالت ضمانت رد ڪري ئي نه ٿي سگهي: چيف جسٽس

news

لاهور: خميس 21 مارچ 2019ع: چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسي ضمانت جوڳي ڪيس ۾ درخواست رد ڪرڻ تي ماتحت عدليا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضمانت جوڳي ڪيس ۾ عدالت ضمانت رد ڪري ئي نه ٿي  سگهي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ضمانت جوڳي ڪيس ۾ جوابدارن کي ضمانت نه ڏيڻ تي هاءِ ڪورٽ ۽ ٽرائل عدالت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسي ريمارڪس ڏنا ته ضمانت جوڳي ڪيس ۾ عدالت جوابدار جي ضمانت رد نه ٿي ڪري سگهي، حيرت آهي ته ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ به نه ڏٺو ته ضمانت رد نه پئي ٿي سگهي، حالانڪه قانون ۾ اها ڳالهه لکيل آهي.

چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ ڪيئن نظرانداز ڪري ڇڏي جو ضمانت رد نه پئي ٿي سگهي، اهڙن معاملن کي ته عدالت ۾ اچڻ نه گهرجي پر اهو معاملو ٽئين عدالت تائين اچي ويو، ان حوالي سان ته پنجاب جي آءِ جي به ايس ايڇ اوز کي هدايت ڏئي ڇڏي آهي اهڙن ڪيسن ۾ ايس ايڇ او پاڻ ضمانتون ڏئي سگهندو.

چيف جسٽس پاڪستان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته قانون ڏسڻ صرف سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي. سپريم ڪورٽ ويڙهه ۽ مار ڪٽ جي 2 جوابدارن ياسر خان روکڙي ۽ عمران خان روکڙي جي پنجاهه هزار روپين جي ضمانتي مچلڪن جي عيوض وقتي ضمانتون منظور ڪري ورتيون.