شڪارپور ۾ پوليس جي وڏي ڪارروائي، جاڳڻ جي علائقي مان پنج دهشتگرد گرفتار

news

ڪراچي: خميس 21 مارچ 2019ع: شڪارپور پوليس 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ڌماڪيدار مادي سميت هٿيار هٿيار هٿ ڪري ورتا، گرفتار دهشتگردن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.

شڪارپور ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي جي اطلاع تي پوليس حرڪت ۾ آئي، 2 دهشتگردن عبدالشڪور ۽ عبدالحڪيم بنگلاڻي کي جاڳڻ جي علائقي مان گرفتار ڪري ورتو.

جوابدانر کان 2 تيار ٿيل پريشر ڪريڪر بم، 35 هينڊ گرنيڊ، 20 ڪلو بارود ۽ هٿيار هٿ ٿيا آهن، دهشتگردن جي نشاندهي ته انهن جي وڌيڪ 3 ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب گرفتار دهشتگردن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي افغانستان کان پئسن جي فنڊن ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدارن جو چوڻ هو ته اسان جي نيٽورڪ ۾ 10 کان وڌيڪ تربيت يافته دهشتگرد آهن، سربراهه جي مارجي وڃڻ سبب نيٽورڪ متاثر ٿيو آهي، اسان کي تخريبڪاري جي بدلي پئسا ملندا هئا.